انگريزي- سنڌي ڊڪشنري

انگريزي- سنڌي ڊڪشنري: هيءَ ڊڪشنري پرمانند ميوارام جي ترتيب ڏنل آهي. هيءَ ڊڪشنري، پهريون ڀيرو 1933ع ۾ ڇپي ۽ ٻيو ۽ ٽيون دفعو ”نئين انگريزي- سنڌي ڊڪشنريءَ“ جي نالي سان 1976ع ۽ 1980ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان شايع ٿي. هيءَ ڊڪشنري ساهتيه اڪيڊمي نئين دهليءَ طرفان پڻ ڇاپي وئي آهي. هن ڊڪشنريءَ مان شاگرد، استاد ۽ ليکڪ اڃا تائين چڱيءَ طرح سان مستفيد ٿي رهيا آهن ۽ هيءَ سنڌي ادب ۾ خاص جاءِ والاريندڙ آهي.


لفظ انگريزي- سنڌي ڊڪشنريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو